شيخ صادق علي انصاري

شيخ صادق علي انصاري: شيخ صادق علي انصاري سترهين آگسٽ 1850ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.. سندس وڏا اصل سهارنپور ضلعي جي جنت آباد (انيٽه) جا رهاڪو هئا. جي ميرن جي دور ۾، رياست خيرپور جي ميرن وٽ نوڪريءَ سانگي اتان لڏي اچي شڪارپور ۾ رهڻ لڳا. سندن رهائش گاهه شڪارپور جي شاهه حسين محلي ۾ هئي. هي خاندان خواجه عبدالله انصاري هراتيءَ جي پشت مان آهي. شيخ صادق علي انصاريءَ جو سلسلو چوٽيهين پيڙهيءَ ۾ ساڻس ملي ٿو. شيخ صادق عليءَ جو والد شيخ شير علي انگريزن جي دور ۾ دفتردار مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. شيخ صادق علي جي تعليم ۽ تربيت پنهنجن وڏڙن جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. شروعات ۾ شڪارپور جي هڪ ديني مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري، پوءِ جديد تعليم ڏانهن رجوع ٿيو ۽ ورنيڪيولر اسڪول نمبر پهرئين ۾ وڃي داخل ٿيو. پرائمري تعليم حاصل ڪري انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ شڪارپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهو مڊل اسڪول ان وقت تائين هاءِ اسڪول جي درجي تي ڪو نه پهتو هو، تنهنڪري شيخ صادق علي ميٽرڪ جو امتحان حيدرآباد جي هاءِ اسڪول مان 1872ع ۾ پاس ڪيو. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ به ساڻس گڏ اُتي ئي پڙهيو هو. شيخ صادق علي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، سترهين آڪٽوبر 1887ع تي ٻاويهن ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر آفيس ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. هن کي هيٺئين گريڊ جي مختلف نوڪرين تي رهڻ کانپوءِ جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪيائين ۽ 12 مئي 1888ع تي کيس ڪليڪٽر جو عهدو مليو. ان کان پوءِ پنجين گريڊ ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. 3 سيپٽمبر 1895ع تي هو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر جي چارج سندس حوالي ڪئي ويئي. يارهين مئي 1907ع تي خيرپور رياست جو وزير مقر رڪيو ويو. انهيءَ وقت رياست خيرپور ۾ مير فيض محمد خان جي حڪمراني هئي. سن 1908ع ۾ هندستان جو چيف ڪمانڊر لارڊ ڪچنر خيرپور آيو هو، جنهن جي ملاقات مير فيض محمد سان ٿي ته شيخ صادق علي ان وقت رياست خيرپور جي وزير جي حيثيت ۾ اتي موجود هو. صادق علي رياست خيرپور جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. ماڻهن ۾ عملي چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ هن فيض لئبرري قائم ڪئي ۽ اشاعت جي سهولت خاطر پر يس پڻ قائم ڪيائين. خيرپور ۾ جيمخانو قائم ڪندڙ به اهو ئي شخص هو. شيخ صادق علي ڪوٽڏجيءَ ۾ رياست جي واليءَ جي رهڻ لاءِ خاص محل جوڙايو، ان کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ پلاٽ خريد ڪري رياست لاءِ بنگلو اڏايائين. 12-1911ع ۾ دهليءَ ۾ خاص درٻار منعقد ٿي، جنهن ۾ مير امام بخش خان سان گڏ شيخ صادق علي به شريڪ ٿيو هو. 1911ع ۾ ئي شيخ صادق علي کي انگريز سرڪار پاران ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. شيخ صادق علي انصاري بلوچستان ۽ افغانستان ۾ رهندڙ مسلمان قبيلن بابت هڪ ڪتاب “A Short Sketch of Historical and Traditional Races of the Muslims found in Sindh, Balochistan and Afghanistan” جي نالي سان لکيو. هن ڪم دوران شيخ صاحب مختلف علائقن جي نامور شخصيتن کان احوال قلمبند ڪيو ۽ ڪي قبيلائي ۽ خانداني دستاويز ۽ تاريخي شهادتون حاصل ڪيون. ان کان سواءِ تاريخي ماخذن (تحفة الڪرام“، ”فرشته“، ”مختصر تاريخ سنڌ“، ”تاريخ سلطاني“، ”واقعات دراني“ ۽ ”افغانستان جي تاريختان استفادو حاصل ڪري، پنهنجي ڪم کي تڪميل تي رسايو. اهڙيءَ طرح شيخ صاحب جي ٻئي ڪتاب ”انبٽه جي انصاري شيخن جي تاريخ“ متعلق ”قاموس المشاهير“ مان ڄاڻ پئي آهي ۽ ان مان بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته کيس تصنيف ۽ تاليف سان خاص رغبت رهي، شيخ صادق علي انصاري، ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ سان به لاڳاپيل رهيو. سردار محمد يعقوب کان پوءِ 1907ع کان 1912ع تائين پاڻ ان جو صدر رهيو. سندس ئي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ايسوسيئيشن جي ڪانفرنس به منعقد ٿي، جنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيائين. هوم رول تحريڪ وقت شمس الدين بلبل جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ روزاني اخبارالحق“ تي جڏهن مسلمانن جي طرفداريءَ خلاف هندن ڪيس ڪيا، تڏهن ”الحقاخبار لاءِ سندس خدمتون قابل تعريف رهيون. ان کان سواءِ دارالعلوم ديوبند لاءِ سالانه امداد جاري ڪري ان جي مدد ڪيائين. سنڌ جو هي نامور انسان، 19 اپريل 1912ع مطابق پهرين جمادي الاول 1330 هجريءَ تي رات جي وقت لاهور ۾ انتقال ڪري ويو، جتي هو بيماريءَ جي علاج لاءِ ويو هو. سندس لاش لاهور کان شڪارپور آڻي علوين جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. شيخ صادق علي انصاريءَ جا مرزا قليچ بيگ سان نهايت گهرا ۽ گهاٽا دوستيءَ جا تعلقات هئا. جن جي ڄاڻ قليچ بيگ جي تصنيفن ”خيرپور رياست جي تاريخ“ ۽ ”سائو پن يا ڪارو پنو“ مان پوي ٿي.


لفظ شيخ صادق علي انصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

17.08.1850  عيسوي

شيخ صادق علي انصاري سترهين آگسٽ 1850ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو .


19.04.1912  عيسوي

شيخ صادق علي انصاري 19 اپريل 1912ع مطابق پهرين جمادي الاول 1330 هجريءَ تي رات جي وقت لاهور ۾ انتقال ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چچ پٽ سيلائج برهمڻ
ڏهرسينه
آءِ ايڇ ٽانٽن
اعجاز حسين چانڊيو حڪيم
خواجه خورشيد انور
در محمد خان
راءِ ڏياچ
حڪيم ڌنراج
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
اُستاد فدا حسين خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون